حاجي محمد عثمان قاضي

حاجي محمد عثمان قاضي: ميان مولوي حاجي محمد عثمان ولد مولانا محمد شريف انصار خاندان سان نسبت رکندو هو. سندن وڏا حجاز کان سنڌ ۾ آيا هئا. حاجي محمد عثمان نون سالن جي عمر ۾ ئي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ نوشهري فيروز مان هجرت ڪري، مڪي شريف وڃي رهيو ۽ اتان پاڻ يمن وڃي حضرت علامه شوڪاني وٽ تعليم حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ۾ موٽي اچي نوشهري فيروز جي ڳوٺ کاهي راهوءَ ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ اناج جو واپار ڪندو هو. پير صاحب پاڳاري جي آزاديءَ واري جدوجهد ۽ سکن خلاف جهاد جو هڪ سرگرم ڪـارڪـن رهـيـو. جـڏهـن حـريـت ۽ آزاديءَ جـا عـلـمـبـردار سـيـد احـمـد ۽ مولانا اسماعيل بالاڪوٽ ۾ شهيد ٿي ويا ۽ مجاهدن جي فوج منتشر ٿي ويئي ۽ سنڌ جو مجاهد دستو واپس موٽيو، انهيءَ ساڳئي دستي ۾ ميان محمد عثمان به شامل هو. انهيءَ جهاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هو جيڪي هٿيار کڻي ويو هو، انهن مان هڪ تلوار ۽ خنجر سندن خاندان وٽ بطور يادگار اڄ به موجود آهن. هن زندگيءَ جو باقي حصو نوشهري فيروز ۾ گذاريو ۽ 1875ع ڌاري وڏي عمر ۾ وفات ڪيائين. سنڌ ۾ هن توحيد جي تبليغ ۾ اشاعت جو ڪم ڪيو. ڪيترائي رسالا ۽ تحريرون لکيائين، جيڪي زماني جي گردش جي ور چڙهي ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو